اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سمورن لاڳاپيل ادارن کي آبادگارن کي حڪومتي رعايتي قيمت تي ??اڻ جي فراهمي يقيني بڻائي رپورٽ سڀاڻي اڱ??ري ڏينهن تائين پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ??اڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو، صوبائي سرحدن تي ??اڻ جي چرپر جي نگراني ڪئي وڃي ۽ اها ??اڻ جيڪا صوبائي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هجي ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ ??ه وڌي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ي??ريا ??اڻ جي طلب ۽ پهچ ۽ قيمت تي هنگامي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن ڊاڪٽر شمشاد اختر، ڪيپٽن (ر) شاهد اشرف تارڙ، ڊاڪٽر ڪوثر عبدالمالڪ، محمد علي، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ ي??ريا ??اڻ جي تازي پيداوار، طلب ۽ آبادگارن کي فراهمي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ي??ريا جي پيداوار ۽ اسٽاڪ ڪڻڪ جي تازي فصل جي لاءِ ڪافي آهي جڏهن ته بفر اسٽاڪ جي لاءِ 2 لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪئي پئي وڃي جنهن جي پهرين کيپ ايندڙ هفتي تائين پاڪستان پهچي ويندي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ضلعي انتظاميا پاران آبادگارن کي حڪومتي رعايتي اگهن تي ??اڻ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبن پاران سبسڊي فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمورن صوبن جي ڪابينا ۾ سموريون جلد منظوري جي لاءِ پيش ڪيون وينديون. اجلاس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته آبادگارن کي يوريا ??اڻ جي حڪومتي رعايتي اگهن تي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ضلعي انتظاميا ??اڻ جي ذخيره اندوزن جي خلاف فوري ڪارروائي ۽ ذميوارن جي نشاندهي ڪري قرار واقعي سزا يقيني بڻائي، ??اڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو. هن چيو ته يوريا ??اڻ تي حڪومتي سبسڊي آبادگارن جيڪي ان جا صحيح مستحق آهن، انهن تائين پهچائي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته ترجيحي بنيادن تي يوريا جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهي فوري طور تي پيش ڪئي وڃي، صنعت و??ري و??ار?? ۽ غذائي تحفظ و??ري و??ار?? صوبائي حڪومتن کي يوريا ??اڻ جي پيداوار ۽ پهچ جا انگ اکر فراهم ڪري ??اڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪاررواين ۾ معاونت يقيني بڻائي، صوبائي سرحدن تي ??اڻ جي چرپر جي نگراني ڪئي وڃي ۽ اها ??اڻ جيڪا صوبائي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هجي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ ??ه وڌي وڃي. هن هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا ??اڻ جي آبادگارن کي حڪومتي رعايتي اگهه تي فراهمي يقيني بڻائي رپورٽ سڀاڻي اڱ??ري ڏينهن تائين پيش ڪن. نگران وزيراعظم چيو ته يوريا ??اڻ تي سبسڊي جو بار سمورا صوبا پنهنجي پنهنجي کپت جي تناسب سان کڻن، فصل جي پوکائي دوران يوريا ??اڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ صوبن ۽ لاڳاپيل صنعت سان مشاورت سان هڪ ٺوس فريم ورڪ جوڙي پيش ڪيو وڃي.
نگران وزيراعظم پاران سمورن لاڳاپيل ادارن کي آبادگارن کي حڪومتي رعايتي قيمت تي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي رپورٽ اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪرڻ جي هدايت، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو: انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری