اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي جارحيت کان متاثر غزه جي ماڻهن جي لاءِ ??مداد م??ڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب غزه جي پٽيءَ ۾ انڌاڌنڌ اسرائيلي جارحيت ۽ گهيراءُ جي ڏس ۾ ڳُتيل آبادي غزه ۾ اڳ کان ئي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار عوام کي انساني ??مداد جي فوري ضرورت آهي. بيان موجب غزه ۾ ٿيندڙ انساني ??لميي جي ڏس ۾ پاڪستان حڪومت فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏکن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي انساني ??نيادن تي امداد غزه روانو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت فلسطيني هلال اح??ر سوسائٽي، گڏيل قومن جي لاڳاپيل ايجنسين، مصر حڪومت ۽ ٻ??هرئين ملڪ پاڪستاني مشنز سان هم آهنگي ڪري رهي آهي ته جيئن پهچ جي طريقن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام