اسلام آباد-09 سيپٽمبر(اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ ٿيندڙ 10 هين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي ا??لاس (سي وائي ايم ايم) جي صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب دولت مشترڪه سيڪريٽريٽ ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي ا??لاس منعقد ڪري رهيو آهي. پاڪستان ان اجلاس جي صدارت سنڀالي رهيو آهي ۽ هو ايندڙ سال ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي ا??لاس کان پهرين ايجنڊا ترتيب ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اجلاس جو ٿيم ؛ ايم هائر: ڊليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ؛ آهي، جيڪو گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن سان هم آهنگ آهي. نگران پرڏيهي وزير جي لنڊن وزارتي ا??لاس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيرن ۽ دولت مشترڪه جي ا??ليٰ عهديدارن سان ب?? ملاقات متوقع آهي. پاڪستان دولت مشترڪه ۽ ان جي فليگ شپ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪو ان جي 50هين سالگرهه جي موقعي تي ٿي رهيو آهي. بيان موجب پاڪستان نوجوانن کي معاشي طو?? تي بااختيار بڻائڻ ۽ بامعنيٰ مشغوليت لاءِ پرعزم آه??، خاص طو?? تي جڏهن دولت مشترڪه ۽ حڪومت پاڪستان 2023ع تي نوجوانن جي سال جي طو?? تي ملهائي رهي آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام ۾ تعليم، روزگار، انگيجمينٽ ۽ ماحوليات جي چئن ب??يادي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي اهي جن تي ايندڙ اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
جليل عباس جيلاني لنڊن ۾ رٿيل 10 هين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس ۾ 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر