اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)مشهور فنڪار، فلم پروڊيوسر ۽ هدايتڪار جمال شاهه نگران حڪومت ۾ وفاقي وزير طور حلف کڻڻ کانپوءِ ق??مي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي. ق??مي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ وزارت جي سيڪريٽري فارينه مظهر ۽ ق??مي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي ٻين آفيسرن سان ملاقات ڪئي. وفاقي سيڪريٽري وفاقي وزير جمال شاهه کي تعارفي بريفنگ ڏني ۽ کيس ??يريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي ڪم جي باري ۾ آگاهه ڪيو. آفيسرن کي خطاب ۾ وفاقي وزير چ??و ته هو ملڪ ۾ ثقافت ۽ فنڪار برادري جي بهتري ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪندو. جمال شاهه چ??و ته هن ان عهدي کي هڪ ??ئلينج طور قبول ڪيو آهي ۽ هو پنهنجون ذميواريون پوري محنت ۽ شوق سان نڀائيندو.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون