اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وقتي صدر سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم جو ڌ??ان وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ قوم جي شهيدن جُون يادگار قائم ڪرڻ طرف ڇڪرائيندي چيو آه?? ته اسان تي فرض آه?? ته اسان پنهنجي شهيدن کي عوام خاص طور تي نوجوان نسل جي دلين ۾ زندهه رکون، هوائي ??ڏن?? سرڪاري عمارتن، اسڪول، اهم رستن، ريلوي اسٽيشنز ۽ ٻين جاين تي پڻ شهيدن ج??ن تصويرون ۽ پاڪستاني جهنڊا هنيا وڃن. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي خط ۾ ان جو ڌ??ان وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ يادگار شهداءِ ملت جي قيام طرف ڇڪرايو آهي. وقتي صدر چيو ته مڃيل حقيقت تي قطعي طور تي ٻي راءِ نه آه?? ته ملڪ جي قيام جي لاءِ ڏني ويندڙ اسانجي ابن ڏاڏن جون قربانيون لازوال آهن. ڌرتي جي استحڪام ۽ بقاءَ جي لاءِ اسانجي شهيدن جون قربانيون به وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن چيو ته شهيد اسان جا محسن آهن، پاڪستان ۾ امن امان بهادر شهيدن جي لازوال قربانين جو نتيجو آهي، من حيث القوم اهو اسان تي فرض آه?? ته اسان پنهنجي شهيدن کي عوام خاص طور تي نوجوان نسل جي دلين ۾ زندهه رکون، وفاقي حڪومت، وفاقي سطح تي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي صوبائي گادي وارن شهرن ۾ يادگار شهداءِ جي قيام کي يقيني بڻائي. هن چيو ته هوائي ??ڏن?? سرڪاري عمارتن، اسڪول، اهم رستن، ريلوي اسٽيشنز ۽ ٻين جاين تي به شهيدن ج??ن تصويرون ۽ پاڪستاني جهنڊا هنيا وڃن، ??اه??ئين ۽ اندرون ملڪ مان ايندڙ ملڪي ۽ غيرملڪي ماڻهو ڄاڻي سگهندا ته بحيثيت قوم اسان پنهنجي شهيدن جا ٿورائتا آهيون، مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن خاص طور تي شاگردن کي انهن يادگارن جي دورن سان حب الوطني جي جذبي کي سگهه ملندي. هن چيو ته شهيدن جي مشن کي جاري رکڻ جو جذبو اسان جي نوجوان نسل جي دلين ۾ قائم ۽ دائم رهندو، اميد آه?? ته توهان جلد کان جلد ان ڏس ۾ هدايتون جاري ڪندا جيڪا بهادر شهيدن کي خصوصي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ ننڍي ڪوشش هوندي.
وقتي صدر پاران وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ قوم جي شهيدن جُون يادگار قائم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي نالي خط
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش