اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪرڪيٽ اسان جي ڪلچر جو حصو بڻجي چڪي آهي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان اچڻ نه رڳو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ پر پاڪستاني ناظرين، شوقينن ۽ عوام جي لاءِ مث??ت سرگرمي جو سبب بڻي آهي. برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته اها ڳالهه اعزاز جوڳي آهي ته 2005ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽيسٽ سيريز جي لاءِ ??نگ??ش ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان آئي آهي. هن چيو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي لاءِ ضروري آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽيمون پاڪستان اينديون رهن. مريم اورنگزيب چيو ته ٽيسٽ سيريز ڪرڪيٽ جي اصل روح آهي، ڪرڪيٽ تي سياست ناهي ٿيندي، پاڪستان ۽ ??نگ??ينڊ جي وچ ۾ پاڪستان ۾ ٽيسٽ سيريز منعقد ڪرڻ جي لاءِ برطانوي هاءِ ڪمشنر، پاڪستان حڪومت ۽ وزيراعظم آفيس جو ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي. هن ??نگ??ينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري تي پاڪستاني عوام کي مبارڪباد ڏين??ي چيو ته ??نگ??ينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري سان نوجوانن ۾ مث??ت سرگرمي ڏسي سگهجي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته فيفا ورلڊ ڪپ جا مئچز به ٿي رهيا آهن، پاڪستان جا نوجوان مث??ت سرگرمين ۾ مشغول آهن. هن چيو ته وزيراعظم ڊپارٽمينٽل اسپورٽس به ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪو هڪ سٺو قدم آهي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ٽيسٽ سيريز جي بحالي ۽ ??نگ??ش ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري سان پاڪستان جا نوجوان ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي ڊگهي مدي وارا مث??ت اثر پوندا. هن چيو ته ٽيسٽ سيريز سان ٻين عالمي ڪرڪيٽ ٽيمن جو به ڪرڪيٽ تي اعتماد وڌندو. هن چيو ته ڪرڪيٽ اسان جي ڪلچر جو حصو بڻجي چڪي آهي. پاڪستان جو هر ماڻهو ڪرڪيٽ سان دلچسپي رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ??نگ??ينڊ جون بهترين ڪرڪيٽ ٽيمون آهن، تازو ئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ به ٻنهي ٽيمن فائنل کيڏيو. هن چيو ته ڪرڪيٽ هڪ راند آهي، جيڪو سٺو کيڏندو اهو ئي کٽيندو. اهو ئي جذبو هجڻ گهرجي. هن ٻنهي ٽيمن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن??ي چيو ته ٽيسٽ سيريز پاڪستان جي عوام لاءِ باڪمال تفريح جا موقعا ثابت ٿيندي.
ڪرڪيٽ اسان جي ڪلچر جو حصو بڻجي چڪي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II