اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم او??نگزيب چيو آهي ته گوجرانوالا ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر بلال تارڙ جي او??اق تي پي ٽي آءِ پاران فائرنگ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بلال تارڙ تي قاتلاڻو حملو ??مران خان جي چوڻ تي ڪيو ويو، الله جو ??ڪر آهي ته بلال تارڙ جي جان محفوظ رهي، معيشت جي جان وٺندڙ هاڻي سياسي مخالفن جي جان وٺڻ جي پويان آهن، پنهنجي لاءِ وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي خيرات گهرندڙ عمران نيازي ٻين جي زندگي وٺڻ جي پويان آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسلام آباد کي باهه ڏيندڙن جون دليون سياسي انتقام جي باهه ۾ سڙي رهيون آهن، گاريون ڏيندڙ هاڻي گوليون هلائڻ تي اچي ويا آهن. هن چيو ته عمران خان فسادي مارچ ۾ عبرتناڪ رسوائي کانپوءِ دهشتگردي جو ??ستو اختيار ڪري ورتو آهي، ه?? چيو ته معيشت ۽ عوام جي خلاف معاشي دهشتگردي ڪندڙن جي فسادي سياست عوام دفن ڪري ڇڏي آهي. مريم او??نگزيب بلال تارڙ ۽ سندس گهروارن سان يڪجهتي جو ??ظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته عمران خان سياسي مخالفن جي زندگي وٺڻ جي منفي سوچ ڇڏي، ملڪ ۽ عوام جي خلاف پنهنجي ڏوهن تي الله تعاليٰ کان معافي گهري.
مريم اورنگزيب پاران گوجرانوالا ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر بلال تارڙ جي اوطاق تي پي ٽي آءِ پاران فائرنگ جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ