اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان سميت پوري مسلمان امت کي عيدالف??ر جي مبارڪباد ڏيندي ان جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. عيد تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ت?? رمضان المبارڪ ۾ بابرڪت سعادتن ۽ رحمتن کانپوءِ الله تعاليٰ عيد جو انعام عطا فرمايو آهي، جيڪو رب ڪريم جي بي پناهه عنايتن جو اظهار آهي. هن چيو ت?? صبر، ايثار ۽ قرباني جي ان مقدس مهيني اسان کي ٻين جي تڪليفن جو جيڪو احساس عطا ڪيو آهي، ان ج?? گهرج آهي ته عيدالف??ر جون خوشيون ملهائيندي اسان پنهنجي ڀرپاسي سمورن لاچار ۽ ضرورتمند ماڻهن ۽ خاندانن جو خاص خيال رکون اهو هن ڏينهن جي حقيقي روح ۽ نبي رحمت خام النبين ﷺ جو پيغام آهي. وزيراعظم چيو ت?? حڪومت قوم کي لوڊشيڊنگ جي عذاب کان مڪمل ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. عيدالف??ر جا ٽي ڏينهن لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ته جيئن اهل وطن عيد جون خوشيون ڀرپور انداز ۾ ملهائي سگهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ت?? عيدالف??ر جي خوشين ۽ اڳ کان مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام جي تڪليف کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪيو ويو، منهنجو پنهنجي قوم سان واعدو آهي ته اسان جو هر ڏينهن، هر پل ۽ هر صلاحيت توهان جي زندگين ۾ آساني آڻڻ جي لاءِ استعمال ٿيندي، هر ايندڙ ڏينهن سان گڏ توهان محسوس ڪندا ته توهان جي حڪومت جي محنت جي نت??جي ۾ توهان جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. وزيراعظم چيو ت?? اڄ جي خوشين جي هن ڏينهن اسان پنهنجي فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي محڪوم مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن کي پڻ ياد ڪريون ٿا ۽ دعا ڪريون ٿا ته الله تعاليٰ انهن کي ظلم ۽ ڏاڍ کان ڇوٽڪارو ڏياري ۽ آزادي جي نعمت سان سرفراز فرمائي. هن چيو ت?? اسان پنهنجي ا??غا?? عوام جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ا??غا??ستان ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعاڳو آهيون.
وزيراعظم شهباز شريف پاران پاڪستان سميت پوري مسلمان امت لاءِ عيدالفطر جي موقعي تي نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار
مضمون کا ماخذ : números dupla sena