اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جو صدر ۽ متحده مخالف ڌر جو متفقه اميدوار محمد شه??از شريف نئون وزيراعظم چونڊجي ويو آهي، هُو 174 ووٽ کڻي ملڪ جو 23هون وزيراعظم چونڊجي ويو، پينل آف چيئرمين اياز صادق قومي اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪئي، قائدايوان جي چونڊن جي لاءِ م??رر طريقيڪار ۽ ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اياز صادق اعلان ڪيو ته محمد شه??از شريف قائد ايوان لاءِ 174 ووٽ حاصل ڪيا، ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار شاهه محمود قريشي قائدايوان جي چونڊن جي بائيڪاٽ ۽ تحريڪ انصاف پاران قومي اسيمبلي جي سيٽن تان استعيفائن جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پارٽين جا ميمبر ايوان مان ٻاهر هليا ويا، اهڙي طرح شه??از شريف قائد ايوان جي عهدي لاءِ واحد اميدوار هو، نئون چونڊيل وزيراعظم محمد شه??از شريف مسلم ليگ (ن) جو صدر آهي ۽ ٽي ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم رهندڙ ميان نواز شريف جو ننڍو ڀاءُ آهي، محمد شه??از شريف پهريون ڀيرو 1988ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر ٿيو، 1990ع ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، 1993ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ 1996ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ ر??يو?? 1997ع ۾ ٽيون ڀيرو پنجاب اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ وڏو وزير ٿ??و. 2008ع ۾ چوٿون ڀيرو بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو ۽ 8 جون 2008ع کان 26 مارچ 2013ع تائين ٻيو ڀيرو پنجاب جو وڏو وزير ر??يو?? مئي 2013ع جي عام چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي جي ٽنهي سيٽن (پي پي 159، پي پي 161، پي پي 247) ۽ (اين اي 129) جي هڪ قومي سيٽ تي ڪامياب ٿيو، تنهن هوندي به هن پي پي 159 جي سيٽ برقرار رکي، نتيجي ۾ هو ٽيون ڀيرو رڪارڊ حيثيت ۾ پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو. شه??از شريف 2018ع ۾ به قومي اسيمبلي ميمبر چونڊجي ويو ۽ قومي اسيمبلي ۾ 10 اپريل 2022ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ ر??يو?? کيس متحده مخالف ڌر، عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو.
مسلم ليگ (ن) جو صدر ۽ متحده مخالف ڌر جو متفقه اميدوار محمد شهباز شريف نئون وزيراعظم چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا