اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪ??هه ماڻهن کي اعتراض آهي ته وزيراعظم ”ڌمڪي آميز خط“ کين نه ڏيکاريو، ان لاءِ وزيراعظم اهو خط سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ان ۾ صاف لفظن ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن بي اعتم??دي رٿ ڪامياب نٿي ٿئي ۽ عمران خان وزيراعظم رهي ٿ?? ته ان جي نتيجا خطرناڪ هوندا، وزيراعظم عمران خان جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر ڊنل آهن، خط ۾ مرڪزي ڪردار نواز شريف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چي?? ته وزيراعظم پنهنجي جلسي ۾ هڪ خط جو ذڪر ڪيو هو جنهن ۾ هن چيو ه?? ته بي اعتم??دي رٿ ۾ ٻاهريان هٿ شامل آهن، اسد عمر چي?? ته ڪ??هه ماڻهو چئي رهيا آهن ته اسان کي خط ڇو نه ڏيکاريو پيو وڃي، ڪ??هه راز قومي نوعيت جا هوندا آهن، وزيراعظم مون کي چي?? ته جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته اسان اهو خط سپريم ڪو??ٽ جي چيف جسٽس کي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيون، ان تي سڀني کي اعتماد آهي، هن چي?? ته مون کي اجازت نه آهي ته ان خط ۾ لکيل لفظ ٻڌائي سگهان پر اهم ڳالهيون ورجايان ٿو، اهو حصو جيڪو بي اعتم??دي سان جڙيل آهي ان جون اهم ڳالهيون ڇا آهن، هن چي?? ته ان خط جي تاريخ بي اعتم??دي رٿ پيش ٿيڻ کان اڳ جي آهي، اها اهم ان لاءِ آهي ته ان خط ۾ سڌو سنئون بي اعتم??دي رٿ جو ذڪر آهي، ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ان ۾ صاف لظن ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن بي اعتم??دي رٿ ڪامياب نه ٿي ۽ عمران خان وزيراعظم رهي ٿ?? ته ان جا نتيجا خطرناڪ هوندا. هن چي?? ته وزيراعظم جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر ڊنل آهن، خط ۾ مرڪزي ڪردار نواز شريف آهي، پي ڊي ايم ظاهر آهي ان ڳالهه کان لاعلم نه آهي، هن چي?? ته 27 مارچ جي جلسي ۾ لکين ماڻهو پهتا، امربالمعروف جلسي ۾ نظر آيو قوم وزيراعظم عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، هن چي?? ته خط ۾ ڪيل ڳالهيون پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي سان جڙيل آهن، ٻاهريان هٿ ۽ بي اعتم??دي رٿ پاڻ ۾ جڙيل آهن، نواز شريف جون ملاقاتون وزيراعظم جي خلاف بي اعتم??دي رٿ جو حصو آهن، پي ڊي ايم جي سينئر قيادت ان ڳالهه کان بي خبر نه آهي، خط جو سڌو سنئون تعلق عوام سان به آهي، اسد عمر چي?? ته وزيراعظم عمران خان عوام کي آگاهه ڪرڻ ضروري سمجهي ٿو، مخالف ڌر جي ڪ??هه ماڻهن کي خبر نه آهي ته بي اعتم??دي رٿ جي پويان ڪير آهي، اهي ماڻهو لاعلمي جي ڪري ان سازش جو حصو آهن، هن چي?? ته اسيمبلي جا سمورا چونڊيل ميمبر محبت وطن آهن، مخالف ڌر پاران نواز شريف کلي عام ٻاهرين قوتن جو آله ڪار آهي.
وزيراعظم ڌمڪي وارو خط سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ان ۾ صاف لفظن ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نٿي ٿئي ۽ عمران خان وزيراعظم رهي ٿو ته ان جي نتيجا خطرناڪ هوندا: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ