ڪراچي – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌي رهي آهي، ملڪ ۾ ويليوا يڊيشن جي ذريعي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. اها ڳالهه هن ڪراچي کان تقريبن 80 ڪلوميٽر پري نوري آباد ۾ سروس لانگ مارچ (ايس ايل ايم9 ٽائر فيڪٽري جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌايو ته ??يس ايل ايم فيڪٽري جو قيام چيني ۽ پاڪستاني سيڙپڪارن جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي، صدر خوشي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌي رهي آهي. هن چيو ته 2013- 2018ع دوران ٽائرن جي اسمگلنگ ۾ اضافو ڏٺو ويو پر هاڻي ملڪ ۾ ٽائرن جي تياري سان اسمگلنگ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چين جي حڪومت ۽ ان جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته ??راعت، آٽو ۽ ٻ??ا اهڙا ڪيترائي شعبا آهن جتي اسان چيني ڪمپنين سان تعاون ڪري سگهون ٿا ۽ ٻ??هي ملڪن ۽ ان جي عوام جي لاءِ فائديمند ٿيندو. ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ويليو ايڊيشن جي ذريعي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، هن ٻڌايو ته ??سٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري برادري کي سهولتون فراهم ڪري شاندار ڪم ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ??سٽيڪ هولڊر کي پاليسي سازي جي عمل ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. صدر چيو ته ??ورتن ۽ معذور ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ته ??يئن بئنڪنگ ۽ ٻ??ن شعبن ڪيو آهي، ان موقعي تي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر ر??ا باقر چيو ته ??سٽيٽ بئنڪ ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي وڌائن لاءِ عارضي فنانس اڪنامڪ فيسيلٽي (ٽي آر ايف اي) متعارف ڪرائي آهي ۽ ان اسڪيم جي ذريعي خاص طور تي ننڍي ڪاروبار کي ترجيحي بنيادن تي قرض ڏنا پيا وڃن، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ ننڍي ڪاروبار جي لاءِ ڪمرشل بئنڪن جي ذريعي ترجيحي بنيادن تي قرض ڏنا پيا وڃن ان موقعي تي سي اي او ايس ايل ايم عثمان سعيد چيو ته ??يس ايل ايم ملڪ جي ايڪسپورٽ تي ٻڌل ڪمپني آهي، هن وڌيڪ چيو ته ??سان منافعو ڪمايو پر ان جو وڏو حصو ملڪ ۾ ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي تي خرچ ڪيو پيو وڃي. سي اي او ٻڌايو ته ??سان ملڪ ۾ غريب ماڻهن جي خدمت لاءِ اسپتالون قائم ڪيون آهن ۽ ان کانسواءِ ملڪ ۾ ٻين فائونڊيشنز کي هر قسم جي مدد فراهم ڪئي وئي آهي.
پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌي رهي آهي؛ صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو