اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود چيو آهي ته پاڪستان قطر سان ??ڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي آفيس موجب اها ڳالهه هن قطر جي علائقائي معاملن بابت معاون پرڏيهي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز بن صالح الخليفي سان ??الهائيندي چئي جنهن ه??ي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقع?? تي ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري ۽ قطر جي علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت معاون پرڏيهي وزير خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ گهڻ رخي پاڪ قطر لاڳاپن جو جائزو به ورتو. پرڏيهي سيڪريٽري ٻطرفي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، هن علائقا??ي امن ۽ استحڪام خاص طور ??ي افغان امن عمل جي ڏس ۾ قطر جي تعميري ڪردار کي به ساراهيو. پرڏيهي سيڪريٽري افعان عوام جي فوري انساني ۽ اقتصادي ضرورتن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن چيو ته 40 سالن جي تڪرارن ۽ عدم استحڪام کانپوءِ افغانستان ۾ امن کي مستحڪم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو مليو آهي ۽ اسان ??ي ان موقعي مان فائدو کڻڻ گهرجي. قطر جي معاون پرڏيهي وزير افغانستان ۾ انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ٺوس نتيجن تي پاڪستاني قيادت کي ساراهيو. هن 48 هين اجلاس جي ڪامياب ميزبان?? تي پاڪستان ??ي مبارڪباد به ڏني، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود قطر جي معاون پرڏيهي وزير کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ان ??الهه تي زور ڏنو ته ڀارت پاران پاڪستان ??ي ميزائل فائر ڪرڻ جي تازي واقعي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي، انهن حقيقتن تائين پهچ لاءِ گڏيل جاچ جي ضرورت آهي، هن چيو ته جتي پاڪستان صبر ۽ تحمل ۽ ذميداري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي اتي ڀارت جو غير ذميواراڻو طرز عمل علائقا??ي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي.
پاڪستان قطر سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي: سهيل محمود
مضمون کا ماخذ : بونانزا