ڪراچي – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي عوام کي مافياز جي رحم ڪرم تي ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت وزيراعظ?? ڪفالت احساس پروگرام ۾ شامل نه ٿي، هر جڳهه تي انهن جي نالائقي ظاهر آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن غريب ماڻهو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آ??ي. ??ملڪتي وزير ??يو ته هر جڳهه تي انهن جي نالائقي نظر اچي ٿي. هن چيو ته سنڌ حڪومت وزيراعظ?? ڪفالت احساس پروگرام ۾ شامل نه ٿي، جيڪڏهن اسانجي پروگرام سان مسئلو آهي ته غريب ماڻهو جي لاءِ سنڌ حڪومت ڪو پروگرام کڻي اچي. مملڪتي وزير ??يو ته صحت ڪارڊ جي معاملي ۾ به سنڌ حڪومت اعتراض ڪري ٿي، وفاق سنڌ حڪومت کي ٽن سالن جي اندر 19 سئو ارب رپيا ڏنا آهن. هن چيو ته اهي پئسا ڪٿي خرچ ٿيا، سنڌ ۾ ڪٿي به ترقي نظر نه ٿي اچي، غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آ??ي. ??ن چيو ته اهي پئسا به ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن. فرخ حبيب چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، ناظم جوکيو جي قتل جي ايف آءِ آر به پي ٽي آءِ جي ميمبرن ڪٽرائي. مملڪتي وزير ??يو ته گڏيل قومن موجب دنيا ۾ مهانگائي جو 50 سالا رڪارڊ ٽٽي ويو آ??ي. ??ن چيو ته پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون عالمي سطح تي وڌي رهيون آهن، اسان پيٽروليم ليوي نه وڌايو، پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس گهٽ ڪيو آ??ي. ??ملڪتي وزير ??يو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪوشش آهي ته عالمي مهانگائي جو اثر پاڪستاني عوام تي گهٽ کان گهٽ ٿيو.
پيپلزپارٽي عوام کي مافياز جي رحم ڪرم تي ڇڏيو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina