اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿ??ريندا ??هن??اسين، ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندا. اها ڳالهه هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائي??دي ڪئي، جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران آزاد ڪشمير جي مجموعي صورتحال ۽ تعمير ۽ ترقي جي ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري مخدوم زين قريشي ۽ پ??ڪس??ان تحريڪ انصاف جي اطلاعات وارو مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري توصيف عباسي به ان موقعي تي م??جود هئا.
پرڏيهي وزير سردار عبدالقيوم نيازي کي وزارت عظميٰ، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي م??صب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني،آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪ??دي کيس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي تعمير ۽ ترقي لاءِ آئنده جي لائحه عمل کان آگاهه ڪيو ۽ پرڏيهي وزير کي آمريڪا جو ڪامياب دورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏي??دي ڪشميرين جي جائز حق، خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس جدوجهد کي ساراهيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مسئلن کي ترجيحي بينادن تي حل ڪرڻ سان گڏوگڏ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن کي م??هن ڏيندڙ والاريل ڪشمير جي رهواسين کي درپيش مشڪلاتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
هن چيو ته اسان ڪشميرين جي ان جدوجهد ۾ انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهيون، اسان تازو ئي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلم ۽ ستم ۽ جنگي ڏوهن جي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ دنيا جي سامهون پيش ڪيا آهن، شاهه محمود قريشي چيوت ه ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿ??ريندا ??هن??اسين.