اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ امن نه رڳو طالبان پر پوري خ??ي جي مفاد ۾ آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ تاجڪ صد?? امام علي رحمانوف طالبان ۽ تاجڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، تاجڪستان جي صدر کي سڄي دنيا ۾ تاجڪ احترام ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، نئين افغان حڪومت ۾ تاجڪن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ??ين??ي. افغانستان جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته تاجڪستان جي صدر وزيراعظم عمران خان سان ملاقات دوران ٻنهي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. طالبان سان ڳالهين جو اعلان تاريخي قدم آهي. هن چيو ته طالبان جي لاءِ انهن گروپن کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ آسان نه آهي جيڪي انهن سان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وڙهي رهيا آهن. اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته افعانستان جي مسئلن جو پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ انهن ٻنهي ڌڙن کي گڏ ملائڻ ضر??ري آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سماجي ۽ اقتصادي بحالي اهم عنصر آهي، تاجڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم عمران خان خطي خ??ص طور تي افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
افغانستان ۾ امن نه رڳو طالبان پر پوري خطي جي مفاد ۾ آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : بونانزا