اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين ٽي سي) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، اين ٽي سي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر برگيڊيئر (ر) وقار راشد خان اين ٽي سي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين جي باري ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار کي آگاهه ڪيو. هتي جاري ڪيل هڪ ??ريس رليز موجب وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر اين ٽي سي هيڊڪوارٽر ۾ نيشنل ڊيٽاسين??ر جو دورو ڪيو ۽ اين ٽي سي جي ڪارڪردگي ۽ ڪلاوڊ بيسڊ III، آءِ ايس او 27001 سرٽيفائيڊ نيشنل ڊيٽا سينٽر(اين ڊي ??ي) جي قيام کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته حڪومت طرفان شروع ڪيل احساس پروگرام پوئتي ??يل عوام جي ترقي جي لاءِ پاڪستان ۾ هيستائين شروع ڪيل سڀ کان وڌو پروگرام آهي، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاڪستان جي مستحق شهرين جي سهولت جي لاءِ متحرڪ ڊجيٽل سوشل ايڪو سسٽم تي تيزي سان اڳتي ??ڌي رهيو آهي، ٽيڪنالاجي جي استعمال شفافيت ۽ غربت جي خاتمي لاءِ حڪومت طرفان شروع ڪيل پروگرام کي موثر بڻايو آهي.
ڊاڪٽر ثانيه نشتر جو اين ٽي سي هيڊڪوارٽرز جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر