اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ معاشي ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان مع??شت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ ۾ ڪامياب ره??ا آهيون، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ذاتي کيسا ڀرڻ بدران قومي ناڻو ڀريو پيو وڃي، اقتصادي ۽ معاشي قدمن سان سيڙپڪاري کي فروغ ۽ صنعتي ترقي جا موقعا وڌندا، هلندڙ مالي سال دوران واپاري خ??اري ۾ گهٽتائي ٿي ره?? آهي، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌي ره??ا آهن، روانگي واپار ۾ 4 سيڪڙو اضافو جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 16 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين سيد شبر زيدي چيو ته قومي مع??شت صحيح رخ ۾ گامزن آهي ۽ عوام کي ان جا ثمر منتقل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تحت قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن قومي روانگي واپار کي فروغ ملي ۽ ملڪ ۾ صنعتي، واپاري ۽ اڏاوتي سرگرمين کي وڌائي سگهجي.
ملڪ جي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي: عبدالحفيظ شيخ /حماد اظهر/ فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش