اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جڏهن ملڪ ۾ سي پيڪ ٺهي رهيو هو، دهشتگردي ختم ٿي رهي هئي، ميٽرو ۽ رستن جو ڄار وڇي رهيو هو، چونڊ سڌارا، يوٿ پروگرام، تعليمي سڌارا ۽ هيلٿ پروگرام ٺهي رهيا هئي ته ٻئي طرف ٻه سياسي ڪزنز ڪنٽ??نر ٺاهي رهيا هئا، اڳ ۾ ملڪ جي ترقي خلاف ڪنٽ??نر ٺهيو هو ۽ هاڻي ٽي سياسي ڪزنز گڏجي ملڪ جي آئين جي خلاف ڪنٽ??نر ٺاهي رهيا آهن. احتساب عدالت ٻاهران صحافين ??ان ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته مخالف مسلم ليگ (ن) جي مقبوليت کان ڊنل آهن، ٽنهي سياسي ڪزنز کي خبر پئجي چڪي آهي ته انهن جي پنهنجي تڪن ۾ به پاڪستان جي عوام هاڻي انهن کي ووٽ نه ڏيندي، چڪوال جي ??من?? چونڊن جا نتيجا سڀني جي سامهون آهن، قوم انهن ماڻهن جي ايجنڊا کان آگاهه آهي جيڪي ملڪ ۾ افراتفري ۽ انتشار پکيڙڻ چاهين ٿا، ملڪ جي خدمت ڪندڙ، دهشتگردي، لوڊشيڊنگ جهڙن چئلين??ن تي ضابطو آڻيندڙ، سي پيڪ انفراسٽرڪچر، تعليم ۽ صحت جي لاءِ ڪم ڪندڙ حڪومت وڌيڪ بهتر آهي يا اهي ماڻهو جيڪي ڪنٽ??نر ٺاهڻ ۾ مهارت رکن ٿا انهي لاءِ ٽئي سياسي ڪزنز هن حڪومت جي خلاف ڪنهن غيرآئيني طرز جي آخري ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪا پاڪستان جي عوام جي ووٽ ??ان ٺهي آهي ۽ جيڪا پاڪستان جي عوام جي اي ٽيم آهي. مسلم ليگ (ن) پنهنجي منشور ۾ جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي ڊيليور ڪري ڏيکاريا آهن، ا??ان جيڪي منصوبا شروع ڪيا هئا اڄ انهن کي مڪمل ڪري رهيا آهن.
جڏهن ملڪ ۾ ترقي ٿي رهي ته ٻه سياسي ڪزنز ڪنٽينر ٺاهي رهيا هئا: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں