اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بدعن??ان?? کان پاڪ ۽ شفاف ۽ آزاداڻيون چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي چونڊن ۾ ٿيل هار?? ٽريڊنگ جي جاچ ??ري ۽ ووٽ جي تقدس کي پائمال ڪندڙن کي سزا ڏي، سينيٽ جي چونڊن ۾ جيڪو تماشو لڳو اهو سڄي قوم ڏٺو آهي، عام چونڊن ۾ پاڪستان جي عوام انهن کي رد ڪري. سينيٽ اليڪشن ۾ هار?? ٽريڊنگ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ڪيس جي ٻڌ??ي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ان حوالي سان جاچ ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 جي ذيلي شق 3 اليڪشن ڪميشن کي اهو به اختيار ڏي ٿي ته هو بدعن??ان?? کان پاڪ شفاف ۽ آزاداڻي چونڊن کي يقيني بڻائي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین