باڪو – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻطرفين ۽ ڊگهي مدي وارين سطحن تي گڏجي ڪم ڪندا. آذربائيجان جي پارليامينٽ ملي مجلس جي اسپيڪر اوگتي اوسا??وف سان پنهنجي وفد سان گڏ ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته قيادت جي سطح تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن سان ٻطرفي اقتصادي، د??اعي ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ملندي. ملاقات دوران آذربائيجان جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ گڏيل تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن توهان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌندا. کيس يقين آهي ته توهان جون آذربائيجان جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقاتون لاڀائتيون وينديون.
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria