ڍاڪا-29 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش ۾ هلندڙ سال ڊينگي سبب فوتگين جو تعداد 1600 کان وڌي ويو. ميڊيا رپورٽن موجب ڊائريڪٽوريٽ جن??ل آف هيلٿ سروسز ٻڌايو آهي ته هلندڙ سال کان هن وقت تائين 3 لک 9 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊينگي سبب متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ڊينگي سبب ٿيل فوتگين جو تعداد گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڇهوڻ تي وڌيڪ آهي. صحت جي ماهرن هلندڙ سال ڊينگي جي ??ورتحال تي ڳ??تي جو اظهار ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته عام طور تي سانوڻي جون برساتون ختم ٿيندي ئي ڊينگي وائرس گهٽجڻ شروع ٿي ويندو آهي جڏهن ته هلندڙ سال نومبر ۾ ڊينگي جا 38 هزار ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا آهن. ڍاڪا جي ??نگابنڌو شيخ مجيب ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر محمد شرف الدين احمد ٻڌايو ته گذريل سالن ۾ ان عرصي دوران اسان ڊينگي جو ڪو به مريض رڪارڊ نه ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری