گڏيل قومون-24 مئي (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي قبضي تحت ڪشميرين جي مايوس ڪندڙ حالت تي روشني وجهندي تڪراري علائقي ڪشمير ۾ ڀارت طرفان جي 20 اجلاس ڪوٺائي صورتحال کي معمول موجب ڏيکارڻ ??ي ڪوشش جي مذمت ڪئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن ڪراس فائر ۾ ڦاٿل ڪشميري عوام جي سلامتي ۽ وقار کي يقيني بڻائڻ ۽ خوراڪ ۽ ضروري خدمتن تائين پهچ بابت مسئلن کي حل ڪرڻ ??ي بحث دوران چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو ۽ پرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جو اهم جز آهي، پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج انساني حقن جي وڏي پئماني تي ڀڃڪڙين ۽ انهن جي ملڪيتن ۽ روزگار جي ذريعن تي مسلسل قبضو ڪري ڪشميرين تي محرومي ۽ بک مڙهي رهي آهي. تنهن ڪري اهو ڏسي افسوس ٿئي ٿو ته جي 20 نمائندن جي گروپ ۾ اڪثر پاڻ کي ڄمون ڪشمير ۾ صورتحال معمول موجب ڏيکارڻ ??ي غلط تصور جي پيش ڪرڻ ??ي ڀارتي ڪوشش ۾ استعمال ٿيڻ ج?? اجازت نه ڏني. ان سلسلي ۾ پاڪستاني نمائندي گڏيل قومن جي اقليتي معاملن جي خصوصي نمائندي فرينڊ ڊي ورينس جي تازي لفظن جو حوالو ڏنو جنهن فوجي قبضي واري علائقي ۾ صورتحال کي معمول موجب ڏيکارڻ ??ي غلط تصور پيش ڪرڻ ??ي ڪوشش جي خلاف خبردار ڪيو، جنهن جي مذمت ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي يوڪرين جنگ جي اثرن ۽ غذائي تحفظ تي پابندين کي گهٽ ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اسود سمنڊ اناج راهداري قدم کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته ان معاهدي تي ايمانداري ۽ مڪمل طور ت?? عملدرآمد ڪ??و ويندو. هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي معاهدن جي ا??ول?? موجب يوڪرين ۾ جنگ جو جلد خاتمو چاهي ٿو.
ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ڪشميرين تي محرومي ۽ بک مڙهي رهي آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت