واشنگٽن-10 جنوري (اي پي پي)آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو روس جي صدر سان ملڻ چاهي ٿو سندن وچ ۾ ملاقات لاءِ اهتمام ڪيو پيو وڃي. سندس اهڙو بيان اقتدار سنڀال?? کان ڏيڍ مهينو اڳ سامهون آيو آهي. ان کان اڳ هن پنهنجي چونڊ مهم دوران يوڪرين ۾ امن قائم ڪ??ڻ جا واعده ڪيا هئا. ميڊيا رپورٽن موجب ڊونلڊ ٽرمپ فلوريڊا جي پام بيچ ۾ پنهنجي مارا اي لاگو ريزارٽ ۾ ريپبلڪن گورنر سان ملاقات دوران چيو ته صدر پيوٽن سان ملڻ چاهي ٿو ۽ اسان ملاقات جو اهتمام ڪ??ي رهيا آهيون. هن عوامي سطح تي پڻ چيو آهي ته روس جو صدر ساڻس ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو اسان کي رتو ڇاڻ واري جنگ ختم ڪ??ڻي پو??دي. واضع رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ڪڏهن به جنگ بندي يا امن معاهدي لاءِ ڪا ٺوس تجويز پيش نه ڪئي آهي ۽ آمريڪا پاران يوڪرين کي موڪليل فوجي امداد تي اڪثر تنقيد ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha