ماسڪو – 18 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي پارليامينٽ هڪ بل جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت عدالتن کي روس جي حڪومت طرفان دهشتگرد تنظيمن طور نامزد گروپن تي پابنديون معطل ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي، جن??ن سان روس لاءِ افغا?? طالبان ۽ امڪاني طور شام جي نئين قيادت سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي راهه هموار ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان ڊوما گذريل ڏينهن جنهن بل جي منظوري ڏني آهي ان ۾ دهشتگرد قرار ڏنل گروپن کي قانوني طور تي ان فهرست مان ڪڍڻ ??ار?? طريقيڪار جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. اهڙي طريقي جي روشني ۾ طالبان سان لاڳاپيل مستقبل جي متوقع فيصلي لاءِ ضروري قانوني فريم ورڪ تيار ڪيو ويندو. روس جي مٿين ايوان جي فيڊريشن ڪائونسل جمعي ڏينهن ان بل تي غور ڪندي جنهن کانپوءِ اهو مسودو روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي منظوري سان قانون بڻجي ويندو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا