رياض-05 جولاءِ(اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آهي ته غزه پٽي ۾ في الحال جنگ بندي جا آثار نظر نه ٿا اچن. ميڊيا رپورٽن موجب ميڊرڊ ۾ ٿيل پرڏيهي معاملن باب?? ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گڏيل قومن جي فيصلي جي روشني ۾ سعودي عرب غزه ۾ عالمي فوج مقرر ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو. ان عالمي فوج جو ??قصد فلسطيني اٿارٽي جي مدد ڪرڻ هوندو. شهزاده فيصل بن فرحان چيو ته غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ اسان کي روزانو اهڙا منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪي فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل کي خطرن ۾ وجهي رهيا آهن.هن چيو ته اسپين سميت ٻين يورپي ??لڪ?? پاران فلسطيني رياست کي تسيلم ڪرڻ جا ا??لا?? اميد جو ??ڪ ڪرڻو آهن. شهزاده فيصل بن فرحان چيو ته اسان کي لبنان جنگ جي ڦهلجڻ جو خدشو آهي ڇاڪاڻ ته لبنان ۾ ڪو به مستحڪم سياسي منظر نامو نظر نه ٿو اچي. هن پنهنجي خطاب ۾ ان اميد جو اظهار ڪيو ته غزه ۾ جاري جنگ رڪجڻ سان لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ رڪجڻ ۾ مدد ملندي.
غزه پٽي ۾ جنگ بندي جا آثار نظر نه ٿا اچن: سعودي پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea