پيانگ يانگ _ 27 جون (اي پي پي ) اتر ڪوريا چيو آهي ته ان ملٽي پل وار هيڊ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي . اي ايف پي اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو ايجنسي جي سي اين اي جي حوالي سان ٻڌايو ته اتر ڪوريا گذريل ڏينهن پنهنجي ڪيترن وار هيڊز ميزائلن جي صلاحيت جو ڪامياب تجربو ڪيو. جنهن ۾ موبائل سان وار هيڊز جي عليحدگي ۽ گائيڊنس ڪنٽرول ٽيسٽ کي ڪاميابي سان منعقد ڪيو ويو. ڪي سي اين رپورٽ ڪيو ته تجربي دوران ميزائل کان جدا ٿيندڙ نقلي موبائل وار هيڊز ٽن مقرر حدفن ??ائ??ن پهچڻ ۾ ڪامياب رهي. اتر ڪوريا جي اختيارين مطابق تجربي جو مقصد ايم آئي آر وي جي صلاحيت کي محفوظ بڻائڻ آهي. ڪي سي اين اي مطابق اهو تجربو 200-170 ڪلو ميٽر جي دائري ۾ وچولي فاصلي ??ائ??ن مار ڪندڙ ٺوس ٻارڻ واري بيلسٽڪ ميزائل جي پهرين مرحلي جي انجڻ جو استعمال ڪندي ڪيو آهي .
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج