جنيوا – 08 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن ۽ ٻين بين الاقوامي تنظيمن غزه ۾ ڇهن مهينن کان جاري جنگ کي تباهه ڪندڙ قرار ڏيندي ان ۾ ٿيل جاني نقصان جي مذمت ڪئي آهي. اي ايف پي مطابق انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس اينڊ ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽيز (آءِ ايف آڙ سي) چيو جنگ ۾ انسانيت کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايچ او) جي سربراهه ٽيڊروس ايڊهانوم گيبريئس هڪ ڀيرو ٻيهر تشدد جي وحشياڻي عمل جي مذمت ڪندي باقي يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪيو. هن زور ڏئي چيو اهو ظلم اسرائيل طرفان غزه ۾ جاري خوفناڪ بمباري، گهيراءُ ۽ صحت جي نظام ??ي تباهي، امدادي ڪارڪنن سميت لکين شهرين جي موت، زخمي ۽ بک سان م??ڻ جو جواز پيش نٿو ڪري. هن ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ته بن??ادي ضرورتن خوراڪ، ٻارڻ، صفائي، پناهگاهون، سيڪيورٽي ۽ صحت جي سار سنڀال کان انڪار غير انساني ۽ ناقابل برداشت آهي. ڊبليو ايچ او مطابق غزه جي 36 اهم اسپتالن م??ن رڳو 10 جزوي طور تي ڪم ڪري رهيون آهن.
غزه جي جنگ ۾ انسانيت کي نظر انداز ڪيو ويو آهي: ريڊ ڪراس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار