سان فرانسسڪو-26 آڪٽوبر(اي پي پي) واٽس ايپ، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ٽريڪس جي مالڪ آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا چيو آهي ته تازو ٽه ماهي دوران سندس خالص منافعو 11.6 ارب ڊالر رهيو جيڪو سالياني بنيادن تي (گذريل سال ج?? انهي مدي جي ڀيٽ ۾) ٻيڻ کان به وڌيڪ آهي. ان جو سبب ڪمپني جي آمدني ۾ اضافو آهي. فرانسيسي خابرو اداري ڪمپني جي چيف ايگزيڪ??ٽو آفيسر مارڪ زڪربرگ طرفان گذريل ڏينهن جاري ٿيل رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته ٽن مهينن دوران ميٽا جي آمدني 34 ارب ڊالر رهي جيڪا سالياني بنيادن تي 23 سي??ڙو وڌيڪ ۽ ان جو سبب فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جي آمدني جو وڌڻ آهي. هن چيو ته فيس بڪ جي ماهوار صارفين جو تعداد 2022ع ج?? انهي مدي جي ڀيٽ ۾ معمولي اضافي سان 3.05 ارب رهيو، ميٽا جي فيملي ايپس جي ماهوار صارفين جو ڳاڻ??ٽو 3.96 رهيو جيڪو 2022ع ج?? ڀيٽ ۾ 7 سي??ڙو وڌيڪ آهي، ان رپورٽ کي جاري ڪرڻ تي ڪمپني جي شيئرز جي قيمت 2 سي??ڙو وڌي 306.69 ڊالر في شيئر تي پهچي وئي.
آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا جي خالص منافعي ۾ ٽن مهينن دوران سالياني بنيادن تي ٻيڻ تي اضافو، ڳاڻيٽو 11.6 ڊالر رهيو
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ