رياض -26 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب سڄي دنيا ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ يونيسيف سان گڏيل معاهدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن. سعودي پريس ايجنسي مطابق ڪي ايس رليف جي نگران اعليٰ عبدالله بن عبدال??زي?? الربيعه ۽ يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل نيويارڪ م گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ان معاهدي تي صحيحيون ڪيون. معاهدي تحت ڪي ايس رلي?? ۽ ??ونيسيف وچ ۾ اس??ري??جڪ شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ، انساني امداد جي فراهمي ۽ رضاڪاراڻه پروگرامن جي حمايت سميت تجربن جي مٽاسٽا لاءِ ملي ڪم ڪندا. ان موقعي تي عبدالله بن عبدال??زي?? الربيعه ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سعودي عرب يونيسيف جي منصوبن ذريعي ڪمزور ۽ پٺتي ??يل طبقن جي ٻارن ۽ انهن جي خاندان تائين رسائي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ڪيٿرين رسل سعودي عرب جي شراڪتداري تي ??ونيسيف طرفان شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان سان اداري کي سڄي دنيا ۾ ض??ورتمند لکين ٻارن تائين رسائي ۾ مدد حاصل ٿيندي. هي معاهدو ڪي ايس رليف جي هدف جي فريم ورڪ تحت اچي ٿو جنهن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انساني همدردي جي ڪم کي هٿي وٺائڻ لاءِ عالمي ۽ علائقائي انساني تنظيمن سان سهڪار کي وڌائڻ آهي.
سعودي عرب ۽ يونيسيف وچ ۾ گڏيل معاهدي تي صحيحيون
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت